درگاهه بودلو بهار

درگاهه بودلو بهار: بودلَي بهار جي درگاهه سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. هن بزرگ جو سڄو نالو حاجنان شاهه عرف بودلو بهار هو، جنهن لاءِ عام طور چيو وڃي ٿو ته هو قلندر لعل شهباز جي خاص مريدن مان هو ۽ ان کان ڪافي عرصو اڳ سيوهڻ ۾ پهتو هو. سندس درگاهه سيوهڻ ۾ به مرجع خلائق آهي. هي سندس تڪيو ٿي سگهي ٿو، پر عام روايتن موجب هي سيوهڻ کان پوءِ هتي اچي رهيو هو، جتي سندس درگاهه آهي. سندس مزار پڪين سرن سان هڪ ٿلهي ٺهيل آهي. هن کان اڳ واري درگاهه ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جوڙائي هئي، جيڪا ٺهي هئي. موجوده درگاهه نئين ٺهيل آهي. ان لاءِ پراڻي درگاهه جا نشان نظر ڪونه ٿا اچن. درگاهه/ مقبرو لِتل نه آهي، سِرُون اگهاڙيون آهن. نڪو وري ڪو اهڙو نشان آهي ته ڪو مقبرو ڪنهن مسالي سان لتو به ويو هوندو. مقبري جي مهڙ اوڀر ۾ آهي. اولهه ۾ ڪو به محراب ڏنل نه آهي. چورس مقبرو سڄو سرن جي پانيلن سان طاقن ۾ ورهايل آهي. ٽنهي پاسي 18- 18 طاق ٺهيل آهن، جيڪي مستطيل رٿ جا آهن. حاشيو سيمينٽ جو ٺهيل آهي. مقبري ۾ اندر 16 قبرون آهن، جن مان هڪ عورت جي قبر آهي، جنهن کي ’مها راڻيءَ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. روايتن موجب هن جي نالي ئي راڻيپور جو شهر ٻَڌل آهي. هن درگاهه جا گهڻا مريد هندو فرقي سان تعلق رکن ٿا. بهار جي مند ۾ هتي ميلو به لڳندو آهي. روايتن موجب بودلا سنڌ ۾ ڪل ست آهن، جيڪي مختلف هنڌن تي آرامي آهن، جن مان هڪ بودلو سڪندر سيوهڻ ۾ آهي، جنهن جي مزار اڙل واهه لڳ قلعي جي آهي. ٻيو بودلو روهڙيءَ ۾ چون ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو